سري ٽنڪ

سري ٽنڪ (راڳ): هن راڳ کي ٽڪنيڪا به چيو ويندو آهي ۽ عوام ۾ هي ٽنڪرا جي نالي سان به مشهور آهي. هي پوربي ٺاٺ جو سمپورن يعني ستن سرن جو راڳ آهي. هي راڳ سري راڳ جي انگ سان ڳايو ويندو آهي. سري ٽنڪ جو وادي سر پنچم (پا) آهي، جڏهن ته سموادي سر کرج (سا) اٿس. هڪ مت سان هن راڳ کي کاڊو مت، 6 سرن جي آروهيءَ سان به ڳايو ويندو آهي ۽ مڌم جو سر ورج ڪري ڳائبو آهي. جيڪڏهن هن راڳ کي کاڊو ڪري به ڳائجي ته هي راڳ ترون راڳ کان الڳ ئي نظر ايندو، ڇاڪاڻ ته ترون راڳ جو وادي سر رکب آهي ۽
سري ٽنڪ جو وادي سر پنچم (پا) آهي. هن ٺاٺ ۾ راڳ گوري به ڳايو ويندو آهي، جنهن ۾ گنڌار جو سر خارج ڪيل آهي. تنهنڪري هن راڳ جي صورت گوري راڳ کان به الڳ آهي. اهڙي طرح هن ٺاٺ جي راڳ مالوي ۾ پڻ نکاد (ني) جو سر خارج آهي، تنهنڪري سري ٽنڪ راڳ مالوري کان به الڳ ئي نظر اچي ٿو. هي راڳ سريراڳ کان به الڳ ٿي پوي ٿو، ڇاڪاڻ ته سريراڳ جي آروهي ۽ امروهي ۾ گنڌار (گا) ۽ ڌيوت (ڌا) جا سر خارج آهن.
آروهي: سا-را-گي-پا-ڌا-ني-سا
امروهي: سا-ني-ڌا-پا-مي-گي-را-سا


لفظ سري ٽنڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو